اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ?? برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لا??ڊز جي ميمبر لا??ڊ واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪ??ي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ?? تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي برطانيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ?? برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪستانين جي مثبت ڪ??دار جو خصوصي حوالو ڏنو. لا??ڊ واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.