آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موق??ي تي قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ ت?? اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موق??ي تي قازقستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي رفتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳو??ڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪا??ي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ت?? اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جا خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيرا??ظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.