اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سعودي ڊيولپمينٽ فن?? جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ ??ڪا??ٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ڊيولپمينٽ فن?? جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سعودي وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فن?? جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي الشمري ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سف??ر نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهازيب خان تي ٻڌل خصوصي ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي ته هو سعودي وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران ئي سمورين ڌرين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍي. وزيراعظم لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي هدايت ڪئي ته سعودي ڊيولپمينٽ فن?? جي التوا هيٺ پيل سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ ??ڪا??ٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ماڻهن جي لاءِ ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ پاڪستاني به سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائ?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت توانائ?? جي ان سستي ۽ صاف ذريعي کي فر??غ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پرڏيهي ناڻ?? جي بچت ٿئي ۽ عوام کي سستي بجلي پڻ فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سدائين داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪار?? جي صورت ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.