ڪراچي – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته طب جو شعبو انسانيت جي خدمت جو نالو آهي، طب جي تعليم ۾ انساني همدردي ۽ انسانيت سان پيار جو درس ڏنو وڃي ٿو، ڪرونا وائرس سڄي ??نيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان جي خاتمي لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ تي تيزي سان ڪم ??ار?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فضائي روٿ پي اي ايف يو ميڊيڪل ڪاليج ج?? افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.