پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏ??و، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ وا??عي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ??مي??اري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سز?? ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو ا??هار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي مو??عي تي ڳالهائيندي ڪيو.