اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) مو??ائ??ل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏيندي مقامي سطح تي مو??ائ??ل فو?? جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مقامي طور تي مو??ائ??ل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي جنه?? جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت ک??نپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلا?? جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.