اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذر??عي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا و??ا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به ماسڪ پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خي??ل رکڻ گهرجي.