ترجمو: عدنان کوکر
چين – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي خوش اسلوبي سان اڳڀرائي جي ڪري پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ وسيع پئماني تي معاشي سرگرمين جي اميد رکي ٿو. چين جي حڪومت جي شاندار بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) جي ڪري پاڪستان علائقائي اقتصادي سرگرمين ۾ اهم ڌر بڻجي ويو آهي. هن منصوبي سان نه رڳو واپار ذريعي اربين ڊالر جي آمدني ٿيندي پر انفراسٽرڪچر جي ترقي، بجلي جي پيداوار، چرپر، ريلويز، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ منصوبن کانسواءِ هزارين مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. سي ??يڪ تحت پاڪستان ۽ چين جي گڏيل منصوبي ذريعي سڄي ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ان منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ٻين ??لڪ?? پڻ ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کانپوءِ اقتصادي سرگرمي زور شور سان جاري آهي جيڪو گهڻو اقتصادي تعاون تي ٻڌل آهي. جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت تعمير ڪيا پيا وڃن جن جو بنيادي مقصد چيني صنعت ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي پر ٻئي ملڪ اڳ ۾ ميگا پراجيڪٽ ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي آڇ ڪري چڪا آهن. سعودي عرب، قطر، ايران، وچ اوڀر جي ??لڪ?? ۽ ڪجهه يورپي ??لڪ?? سميت ڪيترن ئي ??لڪ?? اڳ ۾ ئي صنعتي زونز ۾ خصوصي طور تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سي ??يڪ ۾ ٽئين ڌر جي شموليت سمورين ڌرين جي لاءِ هڪ جهڙي فائديمند آهي ڇو ته ان سان پرڏيهي ڪمپنين کي پاڪستان حڪومت جي پيش ڪيل منافعو ڏيندڙ سهولتن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ ئي پاڪستان کي ممڪن عالمي منڊي ۾ پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
چيني عملدارن پڻ سي ??يڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ وسيع تر شرڪت جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. گوادر فري زون کانسواءِ سي ??يڪ تحت ڪل 9 خصوصي اقتصادي زون جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چار ترجيحي زون بشمول ڌاٻيجي، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي اڪنامڪ زو?? ۽ ??لوچستان ۾ بوستان اڪنامڪ زون شامل آهن. سي ??يڪ جو مقصد معاشي ۽ واپاري محاذن تي پاڪستان جي عالمي حيثيت کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي دنيا جي اعليٰ معيشتن ۾ شامل ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ٻئي سرڪاري ادارا وزيراعظم عمران خان جي متحرڪ قيادت ۾ مصروف آهن. 60 ملين ڊالر جي سي ??يڪ پراجيڪٽ تحت 53 ارب ڊالر ماليت جي مختلف منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ لنگهه تحت 25 ارب ڊالر ماليت جا 17 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 19 منصوبا تعمير هيٺ آه?? ۽ ??اريخي ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ سميت وڌيڪ 28 منصوبا منصوبابندي ۽ منظوري جي مختلف مرحلن ۾ آهن. انهن منصوبن ۾ ٽي حصا رقم چيني سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي جيڪا چيني قرضن جي ڄار جي عالمي پروپئگنڊه جي نفي ڪري ٿي.
منصوبابندي، ترقي، سڌار?? ۽ ??اص قدمن واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سي ??يڪ تحت 9 مان 4 اڪنامڪ زون تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته انهن زونز ۾ شروع ڪيل خصوصي معاشي سرگرميون ملڪ ۾ معيشت جي مجموعي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ لکين اڻ سڌي ۽ سڌي روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان جا چيني هم منصب صنعتي ترقي ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪري رهيا آهن پر مقامي ماڻهو به سي ??يڪ تحت ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. پارلياماني سيڪريٽري سي ??يڪ تحت 5 شعبن جي نشاندهي ڪئي جن سان ماڻهن جي زندگي تي سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح مثبت اثر پوندا جن ۾ رابطي، توانائي جا منصوبا، وزيراعظم جو صاف سٿرو ۽ سرسبز منصوبو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي شامل آهن. هن ٽئين ڌر جي سي ??يڪ ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻيا اولهه ملڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته اهو پوري خطي ۽ ان کان اڳتي جي علائقن ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته قطر کي به گهرايو ويو آهي ۽ اهو ملڪ ڊگهو رستو اختيار ڪرڻ بدران مختلف ??لڪ?? کي مايع قدرتي گئس جي فراهمي جي لاءِ سي ??يڪ جي مختصر رستي جي چونڊ ڪري سگهي ٿو.
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، ڪيپيٽل آفيس جي چيئرمين قربان علي چيو ته سي ??يڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر آهي، وڌيڪ ??لڪ?? جي شرڪت سان ايس اي زيز ۾ وسيع تر سرگرمي سان انهن زونز ۾ معاشي سرگرمي کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين اولهه ??لڪ?? جون ڪمپنيون پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون ته سي ??يڪ کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ اهو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه شهر عالمي بندرگاهه شهرن جهڙوڪ دبئي کي پٺتي ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڇو ته ان کي هڪ طرف ايران، ترڪيءَ ۽ وچ اوڀر ??لڪ?? سميت پوري خطي ۽ ٻئي طرف افغانستان، چين، وچ ا??شي??ئي رياست?? ۽ ??ن کانسواءِ يورپ سان ڳنڍي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سي ??يڪ کي واخان لنگهه سان پڻ ڳنڍي سگهجي ٿو جيڪا 76 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ نه رڳو افغانستان پر وچ ا??شي??ئي رياستن تائين پڻ پهچ جي لاءِ لنگهه آهي. وچ ا??شي??ئي رياستن تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي ان مختصر رستي مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران سي ??يڪ تحت خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ صنعتڪارن جي لاءِ پيش ڪيل سهولتون انتهائي منافعو ڏيندڙ آهن ۽ هاڻي نه رڳو مقامي پر غير??لڪ?? صنعتڪار پڻ علامه اقبال انڊسٽريل پارڪ فيصل آباد، رشڪئي ۽ ٻين اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سي ??يڪ جي گيٽ وي هجڻ جي لحاظ کان گلگت بلتستان (جي بي) انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ صنعتي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ان خطي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ مقفنداس زون جي لاءِ زمين مخصوص ڪئي آهي ۽ ان جڳهه تي اڪنامڪ زون کي ترجيحي طور تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان علائقي جا ماڻهو به ملڪ ۾ مجموعي ترقياتي عمل مان فائدو کڻي سگهن. جيئن ته سي ??يڪ جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام جلد کان جلد ان ميگا پراجيڪٽ جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهي.
ڪوويڊ – 19 جي ڪري قيمتن ۾ اضافي ۽ عالمي معاشي ٻاڙائي جي ڏس ۾ پڻ سي ??يڪ منصوبن جي اهميت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي. سي ??يڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد سان وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ سستيون شيو?? ۽ ??نسو?? ۽ ??وزگار جي فراهمي جي لحاظ کان عوام جي زندگين ۾ سهولت ۽ نمايان تبديلي ايندي.