اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي سمورن پارليامان?? اڳواڻن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جا پارليامان?? اڳواڻ شامل ڪيا ويندا. چونڊ سڌارا ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن سينيٽ ۾ پارليامان?? اڳواڻن جي نامزدگي کانپوءِ جاري ڪيو ويندو. شفاف چونڊن لاءِ چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن.