ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نوادرات با??ت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائز?? وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي ??ين??ئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.