اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عدالت جا سرٽيفڪيٽ و??ها??ي رهيا آهن، توهين عدالت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ ??ي حملو، پاناما فيصلي تي مون کي ڇو ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ??لاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري رهي آهي، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين عدالت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شهباز شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جون به سفارشون آهن، قان??ن موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها ??لي?? ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.