اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرس?? مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ ح??يب بلاول زرداري جي بيا?? تي رد ??مل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.