اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، در??مدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع منصوبو بڻايو وڃي، چين جي پلاسٽڪ جي در??مد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گندڪچري ??ي انتظام جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ سين??ر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ساليانو 30 ملين ميٽرڪ ٽن گندڪچرو ميونپسل سطح تي پيدا ٿيندو آهي، پلاسٽڪ ڪچرو سموري ڪچري جو 10 کان 14 سيڪڙو آهي ۽ سال 2050 تائين ان جو مقدار ٻيڻو ٿي ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ پيدا ٿيندڙ 3.9 م??ين ٽن پلاسٽڪ ڪچري مان صرف 30 سيڪڙو ري سائيڪل ٿيندو آهي، پاڪستان گذريل مالي سال 2.4 ارب روپين جي لاڳت جو 35651 ٽن پلاسٽڪ در??مد ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته در??مدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان ڏس ۾ چين جي پلاسٽڪ جي در??مد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي.