اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ ??ي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وڻڪاري مهم جي پاڻ قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ س??اڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آهي، عالمي ادارا به وزيراعظم عمران خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.