ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه انجنيئر گلبدين حڪمت يار افغان مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت افغانستان ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ??وحه امن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته ??فغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سڄي افغان سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته ??يئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ??ئي ته ??ڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته ??فغان عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالبان ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته ??ڀني افغانين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالبان ۾ هاڪاري تبدي??ي آئي آهي. افغانستان ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته ??ميد آهي ته ڀارت ۾هاڻي افغانستان ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يلغار جي حما??ت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀارت افغانستان تي نيٽو جي حملن جي به حما??ت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ افغانستان منتقل نه ڪري. افغان سر زمين کي ڪنهن به جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ??من ۽ استحڪام ڀارت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀارت ۾ افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ افغان عوام جي جدوجهد جي حما??ت ڪندو.