اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اول??ن ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳا??هه ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تص??ير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الل?? هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اول??ن ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسان جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.