اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪس??ان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغانس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪس??ان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪس??ان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغانس??ان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي ي??يني بڻايو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀريو ته افغانس??ان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانس??ان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانس??ان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪس??ان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغانس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.