اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتي ??عبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪر?? رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري معاهدن جي ذريعي مقامي واپارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سم??ل انڊسٽري (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر لياقت علي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سم??ل انڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صدر عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سم??ل انڊسٽري جي صدر لياقت علي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي واپارين لاءِ صنعتي ??سٽيٽ جي منظوري تي ??ڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي ??عبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪر?? رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪر?? سگهجي ۽ پاڪستاني واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪر?? سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جو??ن پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي ??ور ڏنو ته هو واپارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سم??ل انڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.