ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلو?? جي منصوب?? جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪراچ?? جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لين?? جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلو?? جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ?? نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪراچ?? جي اهميت به اهڙي طرح آه?? پر بدقسمتي سان ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪراچ?? جي ترق?? جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچ?? جي ترقي صرف ڪراچ?? جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪراچ?? جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻ?? جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي کي پاڻ?? جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچ?? جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لين?? جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاه??ر کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به منصوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لين?? جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪار?? جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪراچ?? جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتو?? هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سرڪلر ريلو?? جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .