اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل ??زن?? ڊسٽرڪٽ منصوبا حڪومت جا فيلگ شپ منصوبا آهن، انهن منصوبن سان غير م??ڪي سيڙپڪاري ۽ معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل ??زن?? ڊسٽرڪٽ، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ٻئي حڪومت جا فليگ شپ ريئل اسٽيٽ پروجيڪٽس آهن جنهن سان ملڪ ۾ جديد، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهبو، اهي منصوبا ملڪ ۾ غير م??ڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهن، ته جئين معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهجي، آر يو ڊي اي خاص طور تي ل??هو?? شهر جي ماحول ۽ زير امين پاڻي جي سطح بهتر رکڻ لاءِ اهم آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ل??هو?? شهر جي پائيدار ترقي لاءِ ماڻهن کي انهن ٻن ميگا رئيل اسٽيٽ پراجيڪٽس خاص طور تي آر يو ڊي اي جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ موثر ميڊيا پلان جوڙي. وزيراعظم انهن منصوبن جي ڪاميابي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف قانوني مسئلن کي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سي اي او روڊا وزيراعظم کي ٻڌايو ته سينٽرل ??زن?? ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۾ رستن ۽ سيوريج جي منصوبن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، وڻن جي منتقلي تي به نه رڳو 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ان علائقي ۾ 5000 جي لڳ ڀڳ وڻ به پوکيا پيا وڃن، وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته والٽن ل??هو?? ۾ 122 ايڪڙ زمين تي باب پاڪستان پراجيڪٽ 500 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو پيو وڃي. سي بي ڊي تازي جاري دبئي ايڪسپو ??ي دوران 250 ملين آمريڪي ڊالر جي غير قانوني سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪرڻ وڃي رهيو آهي، سينٽرل ??زن?? ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي انتظانيه روينيو شيئرنگ مادل تحت ل??هو?? ايئرپورٽ جي غير زير استعمال زمين تي ڪمرشل ڊسٽرڪٽ تيار ڪرڻ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ رک جهوڪ ٻيلي جي ترقي تي به ڪم جاري آهي.