اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فورم آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فورم جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خ??رن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي ?? قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن ??ي ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم فورم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن ??ي پنهنجي خيالن ??و اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم فورم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.