اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو وزارت افغانستان ۾ جاري عالمي ??ير سرڪاري تنظي??ن جي ا??دادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌائي وئي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس قومي ??لامتي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي عهديدارن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قد??ن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل افغانستان ۾ انساني ا??داد جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي ??ير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان رجسٽرڊ آهن اهي فائدو کڻي سگهنديون. رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي ??هائشي ا??ڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست تي ڪارروائيءَ لاءِ وقت جو مدو گهٽ ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. قومي ??لامتي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان افغانستان ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مد?? ملندي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت، واپار واري وزارت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.