اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي قرارداد جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غي?? قانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي. سينيٽ جي اجلاس دوران ??ينيٽ ۾ قائدايوان ??ينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم اها قرارداد پيش ڪئي جڏهن ته مملڪتي وزير علي محمد خان قرارداد پڙهي ٻڌائي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندي يوم يڪجهتي ڪشمير تي ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ هيروز کي اسلام پيش ڪري ٿو، قرارداد ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غي?? قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت انهن غي?? قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي جيڪي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين ورزي آهن. قرارداد ۾ ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورين، جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن بابت عالمي قان??نن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هن وقت تائين سوين بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀارت جي بدترين رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي، اها آزادي جي جدوجهد ڪشميرين ۾ مقبول، مقامي سطح جي ۽ وڏي پئماني تي موجود آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ ان ??ي فاشسٽ پارٽي آر ايس ايس جنهن ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي دهشت طاري ڪري رکي آهي ۽ بي رحماڻي ظلمن ۾ ملوث آهي، ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهن تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قرارداد ۾ ڀارتي حڪومت تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي ڪاررواين جي دوران ??علي مقابلي ۾ ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهين قتل کي بند ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. قراراداد ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي غي?? قانوني قدمن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ سمورين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي ڪشميرين تي ظلمن سميت نسل ڪشي جي خطرن جو نوٽيس وٺي جيڪو هاڻي عالمي سطح تي دستاويزي شڪل ۾ موجود آهن، قرارداد ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته عالمي برادري ڀارت جي غي?? قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي. قرارداد ۾ حڪومت پاڪستان، پارليامينٽ ۽ عوام پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي يقين ڏياريو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي حل تائين انهن جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين. هي ايوان ڪشميري عوام جي انهن جي پيدائشي حق، خودمختياري جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، ان کانپوءِ سينيٽ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن ۽ پاڪستان ۾ قائم غي?? ملڪي سفارتخانن ڏانهن موڪلي ويندي.