اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود ??هي?? حڪومت عالمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فيا?? ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ??ولهه ڪئي وئي.