اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي ز??ر ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي ز??ر ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي ز??ر ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحران جي ??ات??ي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي ز??ر ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ??يڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف و??يراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.