اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ملڪي آبادي جون اڌ کان وڌيڪ آهن، ا??هن کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کان ڪم وٺي رهيا آهيون، ان لاءِ عورتن کي نه رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر ا??هن کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ج??هن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي رهيون آهن ا??هن ۾ سئو کان وڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ناطي آئون عورت آفيسرن جي مشڪلن کي چڱي طرح سمجهان ٿي، عورتن جي نمائندگي هر س??ح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کان وٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر ا??هن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ا??هن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي ته ا??هن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ ا??هن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورتن کي ا??هن جا وراثتي ۽ ٻيا حق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي ا??هن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تم??م گهڻو ڪم ڪيو آهي.