اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب امارات جي سفير ??زي??اعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ??ن جي ڪو??شن کي ساراهيو. ??زي??اعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. ??زي??اعظم رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن کي پڻ ساراهيو. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سدائين خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. ??زي??اعظم گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پار ??اڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.