اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ا??م ڊي ا?? جهڙن ڪارن ??ان??نن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن سي پي ا??ن اي، اي پي ا??ن ايس، پي بي ا??، پي ا??ف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ ??ان??نسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا ??ان??ن ۾ مشاورت سان ??ان??نسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چيو ته صحافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظهار راءِ جي ا??ميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چيو ته سياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ا??م ڊي ا?? جهڙن ڪارن ??ان??نن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته اسان صحافي برادري جي مشاورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيشت وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم او??نگ??يب چيو ته صحافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ا??ف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم او??نگ??يب چيو ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ٿو، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇاليندڙن کي ا??پي?? نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن ??ان??نن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير عهدو سنڀاليندي ئي پي ا??م ڊي ا?? جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري مزاج برقرار رکندي، آئين سان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد مريم او??نگ??يب کي اطلاعات واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪئي.