اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئ??ن جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي تر??ي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئ??ن جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام ??ي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز رانجها ان يق??ن جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبا??شر??ف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ تر??ي جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.