رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪئي اقتصادي ز??ن ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪئي اقتصادي ز??ن جي دوري دوران جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود?? اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ڪ??پن?? جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي اقتصادي ز??ن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪ??پن?? ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپرائيز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪ??پن?? جي ذريع?? ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪ??پن?? ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪ??پن?? ان خصوصي اقتصادي ز??ن جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ز??ن تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ڪ??پن?? کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي ز??ن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪ??پن??ن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪ??پن??ون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي ز??نز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خصوصي اقتصادي ز??ن سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.