راولپنڊي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڊائمنڊ جوب??ي جي سلسلي ۾ ڊرامو ”اسان جي سڃاڻپ پاڪستان“ پيش ڪيو ويو. ڊرامي ۾ موجوده دور جي نوجوان نسل کي پاڪستان جي آزادي جي بي قدري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان مو??عي تي ڊائريڪٽر آرٽس ڪائونسل وقار احمد جو چوڻ هو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، دنيا ۾ هر قوم پنهنجي قوميت تي ??خر ڪري ٿي، ننڍي کنڊ جي مسلمانن سالن جي جدوجهد ۽ هجرت جي وقت لکين جانين جا نذرانا ڏئي هن ملڪ کي حاصل ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد سليمان جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ 1947ع تي ??نڍي کنڊ جي مسلمانن کي جدا رياسيت نصيب ٿي جتي اهي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذاري سگهن.