اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان شرمناڪ ۽ زهريلي راند کيڏي پنهنجي فارن ف??ڊن?? تان نظر هٽرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، شهيدن جي خلاف شرمناڪ مهم هلائڻ کان توشه خانه ۽ فارن ف??ڊن?? تان ڌيان نه ٿو هٽرائي سگهجي، فارن ف??ڊن?? ملڪ جو دفاع ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي، فارن ايجنٽ عمر??ن خان 5 سال ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرايا، ايف آءِ اي فارن ف??ڊن?? جي استعمال جي جاچ ڪري رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چار سال هن ملڪ تي نالائق ۽ نااهل وزيراعظم مڙهيل رهيو جنهن ملڪ کي ڦريو ۽ عوام کي بيروزگار ڪيو. هن چيو ته عمر??ن خان فارن ايجنٽ ۽ فارن ايڊڊ پارٽي جو چيئرمين آهي جنهن فارن ف??ڊن?? وصولي ڪئي، 2008ع کان 2013ع تائين ورتل ممنوعه ف??ڊن?? بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ فارن ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب عمر??ن خان 5 سالن تائين جعلي بيان حلفي جمع ڪرايا، عمر??ن خان 351 فارن ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان ف??ڊن?? وصول ڪئي، پاڪستان ۾ ڪمپنين کان به ممنوعه ف??ڊن?? وصول ڪئي، هن اها سموري ف??ڊن?? اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر نه ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ جعلي ۽ ڪوڙا بيان حلفي جمع ڪرائيندو رهيو. هن چيو ته هي چور ۽ فارن ايجنٽ 8 سال کانپوءِ پڪڙيو ويو آهي، هي اهڙو فارن ايجنٽ آهي جنهن هڪ سياسي پارٽي جو سهارو ورتو ۽ ان سياسي پارٽي جي ساک کي به نقصان پهچايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن عمر??ن خان کان سوال ڪن ته هن انهن جي پارٽي کي ڇو فارن ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ڪرايو. هن چيو ته ممنوعه ف??ڊن?? جي جاچ 2008ع کان 2013ع تائين ڪئي آهي، 2013ع کانپوءِ جي جاچ ٿيڻي اڃا باقي آهي ته جيڪا فارن ف??ڊن?? ان عرصي ۾ آئي اها ڪيڏانهن وئي، ان تي ايف آءِ اي ۾ جاچ جاري آهي. هن چيو ته فارن ايجنٽ عمر??ن خان هن ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، هو شرمناڪ حرڪتون ۽ ملڪ جي خلاف زهريلي راند کيڏي پنهنجي فارن ف??ڊن?? ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تان نظر هٽرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمر??ن خان هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي خلاف پنهنجي ٽرولرز جي ذريعي سوشل ميڊيا تي مهم هلرائي، کيس جڏهن به جواب ڏيڻو هوندو آهي هو اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري ٿو. هن چيو ته عمر??ن خان جي چيف آف اسٽاف اي آر وائي تي ان ٽرانسڪرپٽ کي پڙهيو جيڪو عمر??ن خان جو لکيل هو، ان ٽرانسڪرپٽ ۾ ريڊ لائين ڪراس ٿي، ان جو پاڪ فوج ۾ بغاوت کي اتساهڻ جو منصوبو هو. شهباز گل چيو ته لانس نائيڪ کان وٺي برگيڊيئر تائين جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي، انهن کي سياست سان ڳنڍيو ويو ۽ انهن کي هائي ڪمان جي حڪمن تي بغاوت جي ڪال ڏني، 15 منٽن تائين ڪنهن وقفي کانسواءِ اهو بيپر اي آر وائي تي هلندو رهيو. هن چيو ته عمر??ن خان انهن سمورين شين تان نظر هٽرائڻ جي لاءِ ڪالهه ٻه جهنڊا هڻي ڳالهائيندو رهيو، عمر??ن خان کي خبر آهي ته هو بطور فارن ايجنٽ پڪڙيو ويو آهي، هن پنهنجي سياسي پارٽي به فارن ايڊڊ ڊڪليئر ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي اڄ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي. وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان غيرملڪي ڪمپنين ۽ ماڻهن کان پئسا گهرائيندو رهيو ۽ ڪالهه جڏهن هو الزام هڻي رهيو هو ته کيس اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته هن غيرملڪين کان ڪيترا پئسا وصول ڪيا ۽ ان پئسي کي ڪٿي استعمال ڪيو. هن چيو ته عمر??ن خان چيريٽي فنڊز وصول ڪيو ۽ ان کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، ممنوعه ف??ڊن?? ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ جي چار ملازمن طاهر اقبال، محمد ارشد، نعمان افضل ۽ محمد رفيق پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن، انهن ملازمن جو چوڻ آهي ته انهن ک??ن خالي چيڪ ورتو ويندو هو ٻيو انهن کي ڪا خبر نه آهي ته اها فارن ف??ڊن?? ڪٿان ايندي ۽ ڪيڏانهن ويندي هئي، انهن جي اڪائونٽس مان اها رقم ڪڍي ويندي هئي. هن چيو ته عمر??ن خان 351 ڪمپنين کان ورتل پئسو ڪٿي خرچ ڪيو؟ ڇا اهو پئسو ڪشمير جو سودو ڪرڻ، ملڪ جي معيشت تباهه ڪرڻ، نوجوانن کي بيروزگار ڪرڻ، ملڪ جي اندر ڌاڙو هڻڻ، ملڪ جي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ تي خرچ ٿيو؟ هن چيو ته عمر??ن خان انهن دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو جن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ف??ڊن?? پڪڙجڻ تي عمر??ن خان ملڪ ۾ فتنو، فساد ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمر??ن خان ان گهٽيا ۽ ڪريل حرڪتن ذريعي فارن ف??ڊن?? تان نظر نه ٿو هٽرائي سگهي. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي ڀيٽ نواز شريف سان ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، سي پيڪ ڏنو، ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪيو، نواز شريف عمر??ن خان وانگر پاڪ فوج ۾ بغاوت جو سڏ نه ڏنو هو، ادارن ۾ ڏار نه وڌا، نواز شريف پاڪستان کي ٺاهيندڙن مان آهي، نواز شريف هن ملڪ ۾ آئين جي پاسداري جو نعرو بلند ڪيو، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو جڏهن ته عمر??ن خان ادارن کي چيو ته توهان نيوٽرل نه ٿا رهي سگهو، نيوٽرل ته جانور هوندو آهي. عمر??ن خان ادارن کي چوي ٿو ته اهي سندس سياست جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عمر??ن خان آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، هو پاڻ آئين شڪن ۽ فارن ايجنٽ آهي، عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته عمر??ن خان سياسي پارٽي جو نالو استعمال ڪري ممنوعه ف??ڊن?? هڪ منصوبو تحت وصول ڪئي. هن چيو ته عمر??ن خان جي چوري پڪڙي وئي، ڌاڙو پڪڙيو ويو، سڀ ڪجهه برآمد ٿي ويو ته هو روزانو ويهي ٻين تي الزام هڻي ٿو. وفاقي وزير چيو ته چار سال عمر??ن خان جي حڪومت هئي، هن نواز شريف، شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي قيادت، مخالف ڌر جي ڀينرن ڌيئرن تي ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا، نيب چيرئمين ڪمپروز ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس جي اندر اغوا ڪري رکيو ته جيئن اها نيب چيئرمين جي خلاف ثبوت فراهم ڪري، اهڙي طرح نيب چيئرمين کي ڪمپرومائز ڪري نيب نيازي ڳٺ جوڙ ٺهيو، عمر??ن خان نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانيا تائين ڪيسز موڪليا پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته نواز شريف جي خلاف ان ڪوڙي شخص وٽ رڳو اقامو نڪتو، بليڪ لاء ڊڪشنري جو سهارو وٺي نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو، نواز شريف ملڪ کي ترقي ڏني، سي پيڪ ڏنو، ملڪي دفاع مضبوط ڪيو، ملڪي ترقي 6 سيڪڙو تائين وئي، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، اهو سڀ فارن ايجنٽ جي منصوبي جي خلاف هو، 2018ع ۾ عمر??ن خان پنهنجو منصوبو مڙهي ملڪ ۾ فتنو ۽ نفرت پکيڙي، نالائقي، نااهلي، چوري، ڌاڙو، ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. هن چيو ته عمر??ن خان توشه خانه مان ڦرلٽ ڪئي ۽ اڄ ٻه جهنڊا رکي هو سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي خبر هجڻ گهرجي ته توشه خانه ۾ عمر??ن خان ڪهڙي طرح ڦرلٽ ڪئي. هن ٻڌايو ته عمر??ن خان بطور وزيراعظم جيڪي تحفا ورتا، انهن کي ڊڪليئر نه ڪيو. هن توشه خانه مان تحفا کڻي بازار ۾ وڪرو ڪيا ۽ هڪ سال کانپوءِ توشه خانه جي پاليسي کي تبديل ڪري 20 سيڪڙو ڪيو ۽ ان موجب پئسا خزاني ۾ جمع ڪرايا، توشه خانه جي پاليسي 50 سيڪڙو رقم هئي جنهن کي عمر??ن خان 20 سيڪڙو ڪيو ۽ 20 سيڪڙو رقم تي تحفا وٺندو رهيو، هي اهي تحفا آهن جيڪي سامهون آيا ۽ پڪڙيا ويا، ان کانسواءِ به تحفا آهن جيڪي هن ڊڪليئر ئي ناهن ڪيا. هن چيو ته عمر??ن خان جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته رسيدون ڏي ۽ جواب ڏي. هن چيو ته چوري تمام ننڍي شيءَ آهي هي ملڪ جي خلاف پورو منصوبو کڻي آيا هئا، هي نوجوانن کي بيروزگار، ملڪ ۾ مهانگائي، افراتفري، انارڪي، فتنو، فساد پيدا ڪرڻ ۽ وفاق جي اڪائين کي ورڇ ڪرڻ ۽ ملڪي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ آيا هئا. هن چيو ته جنهن جنهن ملڪ جي خلاف پنهنجو حصو وڌو آهي اهي سڀ قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا. هن چيو ته عمر??ن خان وٽ چار سال هئا، جيڪي الزام هن هنيا اهي ثابت ڪري ها، هاڻي ان وٽ ڪنهن تي الزام هڻڻ جو ڪو جواز نه آهي، هو پنهنجي دور ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندو رهيو، مني لانڊرنگ ڪئي، ڪرپشن ڪئي، فارن ف??ڊن?? گهرائي، ملڪ کي ڪمزور ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، جيڪي الزام ٻين تي لڳائيندو رهيو ان جو هو پاڻ ڏوهاري آهي. هن چيو ته فارن ايڊيڊ پارٽي ڊڪليئر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ماڻهو ڇڏي وڃن پيا. هن چيو ته عمر??ن خان جي چوڻ تي سندس ٽرولرز شهيدن جي شهادتن تي سوشل ميڊيا تي مهم هلائي، اهي ٽرولرز پڪڙيا ويا ۽ انهن جي والدين معافي ورتي. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي ماڻهن کي مسجد نبوي صه جي مقدس جڳهه تي نعرا هڻڻ تي اتساهيو، اڄ انهن ماڻهن کي 10، 10 سال سزا ٿي آهي، اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته عمر??ن خان جي اتساهڻ تي اهي ماڻهو اڄ جيلن ۾ آهن ۽ 10، 10 سالن جي سزا ڪاٽي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ سان اهڙي راند نه کيڏي وڃي جيڪا ملڪ جي لاءِ خطرناڪ هجي. هن چيو ته عمر??ن خان فارن فنڊرز سان ڪئي ويندڙ ڪمنٽمينٽس پوريون ڪندو رهيو جنهن جا اثر ??ڄ پاڪستان جي اندر موجود آهن. هن چيو ته عمر??ن خان ملڪ جي رياستي ادارن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، بغاوت جي ڪال ڏني، پنهنجا ٽرانسڪرپٽ پڙهايا، کيس ان حرڪت تي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته عمر??ن خان اقتدار جي ڪرسيءَ کسجڻ تي ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهي ٿو، هو نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، اهي ٻار نه آهن اهي به عقل ۽ شعور رکن ٿا. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي دور ۾ مريم نواز ۽ شهباز شريف کي ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو پر انهن جي خلاف هڪ ثبوت به عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي پارٽي آهي، مسلم ليگ (ن) پاڪستان کي ٺاهيندڙ پارٽي آهي، ان پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار ڏنو، مسلم ليگ (ن) واحد پارٽي آهي جنهن جي پارٽي جي سربراهه 40 سالن جو حساب ڏنو، پنهنجي مرحوم والد جو حساب ڏنو ۽ ان تي هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي. هن چيو ته نواز شريف کي بليڪ لاء ڊڪشنري جو سهارو وٺي اقامي جي بنياد تي اقتدار کان جدا ڪيو، هو پنهنجي ڌيءَ سان گڏ روزاني جي بنياد تي نيب ۾ پيش ٿيندو رهيو ڇو ته کيس خبر هئي ته هن ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي. هن چيو ته عمر??ن خان ان جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف عمر??ن خان وانگر ڪوڙا الزام هڻي ملڪ ۾ باهه لڳائڻ جي ڳالهه ڪڏهن به نه ڪئي، بغاوت جي ڪالز نه ڏنيون. عمر??ن خان بغاوت جون ڪالز ڏنيون، شهيدن سان زهريلي راند کيڏي، عمر??ن خان جي ڀيٽ نواز شريف نه ٿي بڻجي، نواز شريف هن ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي، هو جڏهن به اقتدار ۾ آيو هن ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو، ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، موٽرويز تعمير ڪيون، سي پيڪ آندو، ملڪي دفاع مضبوط ڪيو، نوجوانن کي فور جي انٽرنيٽ جي سهولت ڏني جڏهن ته عمر??ن خان نواز شريف جي شروع ڪيل منصوبن تي پنهنجون تختيون لڳايون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪير هن ملڪ جي خدمت ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان فارن ايجنٽ آهي جيڪو پنهنجي فارن ف??ڊن?? ذريعي ملڪ جي اندر فتنو، فساد، انتشار ۽ نفرت پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر هي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، نوجوان سندس اصل چهرو ڄاڻي چڪا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمر??ن خان صبح شام روئي ٿو، هي رڙيون ڪري، روئي پٽي، هي فارن ايجنٽ ڊڪليئر ٿي چڪو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف کي فارن ايڊيڊ پارٽي ڊڪليئر ڪرڻ جو ذميوار به عمر??ن خان آهي، عمر??ن خان پنهنجي پارٽي جي ساک سان گڏوگڏ ملڪ جي ساک کي به ڪمزور ڪيو، ملڪي دفاع ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي اهو تماشو ختم ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته شهباز گل صاحب پنهنجي بيانن جي اندر سمورا ثبوت پيش ڪري رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف ڏينهن رات ملڪ ۽ قوم جي مسئلن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ م??رو?? آهي، روزانو معاشي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ڊالر جي قيمت به گهٽتائي ٿي رهي آهي، هن وقت سموريون معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ وڃي رهيون آهن، عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا.