ڪوئيٽا – 04 – آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي ترقي بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين شيران چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف 5 آگسٽ تي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو، 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ صدارتي حڪمنامي تحت مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي شقن کي منسوخ ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن ڀارتي والاريل ڪشمير کي هندستاني رياستن جي ٻين رهواسين جي مقابلي ۾ جدا جدا قانونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خصوصي حيثيت ڏني هئي، ڀارتي والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت منسوخ ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڀارتي قدم تڪراري علائقن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪي??. وو??ين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بلوچستان بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين ش3يران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪي?? ۽ ڪشميرين تي ظلم جو هڪ نئون دور شروع ڪي??، هندستان جي آئين ۾ ڪشمير تي ٻه بنيادي آرٽيڪل شامل هئا، آرٽيڪل 370 جيڪو والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيندو هو ۽ آرٽيڪل 35 اي تحت اهو وا??ح ڪي?? ويو هو ته ڪير والاريل ڪشمير جو مستقل شهري آهي ۽ ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ کان هيستائين اتي بدترين ظلم شروع ٿي ويا، ڪشميري عوام ٻاهرئين دنيا سان ڪٽجي وئي ۽ وا??يءَ کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪي?? ويو، ڪشميرين تي ظلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهي.