اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪس??ان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪس??ان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪس??ان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪس??ان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪس??ان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. ه?? چيو ته پاڪس??ان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪس??ان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. ه?? چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪس??ان ۾ مون سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪس??ان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“