اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر??ن جي امداد لاءِ اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت صغريءِ جو منظر آهي، حڪومت ٻوڏ متاثر??ن جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، متاثر??ن جي لاءِ کربين رپ??ن جي ضرورت آهي، قوم مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي مدد جي لاءِ دل کولي عطيو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ امداد جي اپيل ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ برساتن جو 30 سال جو رڪارڊ ٽٽڻ سان خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي سان قيامت صغريٰ جو منظر ??هي. سوين پاڪستاني ٻوڏ جي بي رحم موجن جي ور چڙهي پنهنجي پٺيان جدائي جو ڏک ڇڏي ويا آهن. سوين زخم??ن جي صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. تمام وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر آهن، چوپائي مال، فصلن، باغيچن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو ??هي. صوبائي حڪومتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور تعاون سان اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. م??مو??ي طور تي 27 ارب رپيا ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ ڏنا پيا وڃن. مون فوري طور تي 5 ارب رپ??ن جي رقم اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرائي آهي ته جيئن ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن ۾ تيزي اچي. هر فوت ٿيندڙ جي خاندان کي 10 لک، زخمين، گهرن جي ڪري پوڻ ۽ ٻين نقصانن تي زرتلافي کانسواءِ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ ادائيگي وڏي پئماني تي جاري آهي جنهن جي لاءِ 80 ارب رپين کان وڌيڪ گهربل آهن. کربين رپ??ن جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثر??ن جي بحالي لاءِ کربين رپ??ن جي ضرورت ??هي. اهي سمورا قدم اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان محنت ۽ ديانتداري جذبي سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون. رستا ۽ پليون وهي وڃڻ سان زميني رابطو ڪٽجڻ تي هيليڪاپٽرن کان مدد ورتي پئي وڃي. اهل وطن جي مدد جي ڪوششن دوران پاڪ آرمي جي آڦيسرن شهادت ماڻي قرباني جي عظيم جذبي جو روشن مثال قائم ڪيو ??هي. 2005ع جي قيامت خيز زلزلي ۽ 2010ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي به عوام ۽ ادارا مصيبت ۾ ورتل پاڪستان??ن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جي اهڙي ئي عظيم جذبي سان دنيا ۾ مثال بڻجي ويا هئا. پوري قوم اڳتي وڌي هٿ ونڊرائي ته اسان وڌيڪ تيز رفتار سان متاثر??ن جي جلد امداد ۽ بحالي ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ايثار ۽ قرباني ۾ اسان جي قوم دنيا ۾ سڀ کان اڳتي ??هي. آئون توهان کي تعاون جي درخواست ڪريان ٿو. آقا ڪريم ﷺ کان وڌيڪ اسان جي لاءِ ڪو مثال نه ٿو ٿي سگهي جن جي محبت ۾ انصار مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جا ڏک ورهايا هئا. ٻوڏ متاثر??ن جي مدد جي لاءِ قائم فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائين. اچو! مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي انصار مدينه وانگر مدد ڪريون ته جيئن محشر جي مشڪل گهڙيءَ ۾ الله تعاليٰ اسان تي رحم فرمائي.