اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي باقاعده تعليم جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ انهن کي قيمتي انساني وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ڪپ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر مسلم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، انهن کي صحتمند ۽ تعميري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي م??ارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ بال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي م??ابلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن کي ساراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ساراهيندي چي?? ته اهڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين راندين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چي?? ته جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي صحتمند سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چي?? ته غير مراعت يافته ٻارن کي تعليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي ??از??ار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پوري صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ چلڊرن کي راندين جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي انهن کي عالمي معيار جا رانديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چي?? ته پاڪستان راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ بال جي راند به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي م??بول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته راندين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چي?? ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. انهن کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرجي ته جيئن اهي م??ڪ جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ بال فيڊريشن تي پڻ زور ڏن?? ته اها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي راند جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ مسلم هينڊز برطانيا جي ڊائريڪٽر راجا ارسلان نصرت صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌاي?? ته سڄي م??ڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو راند جو حق“ جي نعري تحت راندين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌاي?? ته اسٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ بال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر قومي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.