اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني ک?? سان پاڪستان ۾ بيلجيم جي سفير چارلس ڊيلوگن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي.