اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. وف??قي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يق??ن ڏياريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير ??يو ته وزيراعظم اها ڳالهه پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراستعمال ٿيل ڪاروباري ۽ واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ۽ واپاري سفارتڪاري جو نئون دور شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.