اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وف??قي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃ??. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وف??قي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وف??قي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃ?? جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃ??، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃ??. وزيراع??م چيو ته وف??قي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃ??.