ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ??ه شهيد فاضل راهو جي جمهوريت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ جدوجهد پاڪستاني تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري شهيد فاضل راهو جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهيد فاضل راهو کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه شهيد فاضل راهو هڪ بهادر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ هو، ايم آر ڊي جي تحريڪ د??ران شهيد فاضل راهو شهيد بينظير ڀٽو سان گڏجي جدوجهد ڪئي. شهيد فاضل راهو جي جدوجهد قرباني ۽ اصول پسندي مشعل راهه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادگارن، مزدورن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ۽ ان??ن جي خوشحالي لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين.