اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي سببن کان آگا??ه ڪيو وڃي ۽ ان جي ??مي??ارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.