اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي گلشير جي و??لد سان ٽيل??فو?? تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران جاري بيان موجب صدر ٽيل??فو??ڪ رابطي ۾ سپاهي گلشير شهيد جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ۽ ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد ??ي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا پڻ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران شهيد جي و??لد صدر کي شهيد گلشير جي شهادت جي جذبي بابت پڻ ٻڌايو ۽ ملڪ جي لاءِ قربان ٿي وڃڻ جي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عزم کي ورجايو. صدر شهيد جي خاندان ۽ شهيد جي حب ا??وط??ي جي جذبي کي ساراهيو. صدر پاران شهيد جي خاندان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.