اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضياءَ محي الدين ج?? لاڏ??ڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ضياءَ محي الدين ج?? لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فن، ادب، پرفارمنگ آرٽ، فنڪاري، هدايتڪاري جي شعبي ۾ مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ضياءَ محي الدين جو لاڏاڻو منهنج?? لاءِ هڪ ذاتي نقصان آهي. فن، اداڪاري، پيشڪش، هدايتڪاري جي شعبي ۾ ضياءَ محي الدين هڪ وڏي شخصيت هو، هو نثر ۽ ش??عر?? جو بهترين قاري هو ۽ موسيقي جي انداز ۾ پڙهندو هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فن جي شعبي ۽ ان جي گهرڀاتين کي اهو ڏک صبر سان برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي جي دعا، فن جي شعبي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.