اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. ??رڏ??هي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ??رڏ??هي وزير چي?? ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪوسٽ جي اسپيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.