اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگرد?? سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪ??ال برڪيءَ کي سلام پيش ڪندي چيو ??هي ته برگيڊيئر مصطفيٰ ڪ??ال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيد جي گهرڀاتي?? سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. هر شڪل ۽ هر صورت ۾ موجود دهشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي بلند مقام عطا فرمائي، گهرڀاتين کي صبر ڏي. اطلاعات واري وزير زخمي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.