اسلام آباد – 21– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نئون ديرو ۾ غريب آباد محلي آمد، ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي جي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي سوڳوارن سان افسوس جو ا??هار ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشور ڪم??ر جي شهادت تي ان جي والد سوڍو مل سميت شهيد جي ٻين وارثن سان افسوس جو ا??هار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري شهيد پوليس اهلڪار ڪشور ڪم??ر جي بهادري ۽ قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو.