اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پارليامينٽ طاقت جو مرڪز، آئين جو خالق ۽ واحد قانون ساز ادارو آهي، عوام جي مرضي پارليامينٽ مان جنم وٺي ٿي ۽ سمورن ادارن کي عوام جي ان خودمختيار ۽ اعليٰ اداري جي سامهون جوابده هجڻ گهرجي، اهو ئي اسان جي آئين جو روح آهي ?? هي هڪ همه گير، گڏيل احترام، متنوع ۽ مڪالمي تي ٻڌل پاڪستان جو واحد رستو آهي. قومي اسيمبلي ۾ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي اس??يڪ?? نمائندن ۽ مهمانن کي خوش آمديد چيو. تقريب ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا. پرڏيهي شرڪت ڪندڙن ۾ مختلف ملڪن جا اس??يڪ??ز، ڊپٽي اس??يڪ??ز، عالمي قانوني ماهر ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمائندا شامل آهن. اس??يڪ?? چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اوهان سڀ اسلامي جم??ور??ه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي تقريب ۾ شريڪ آهيو، اوهان سڀني جي هتي موجودگي ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته اوهان آئين ۽ قانون جي پاسداري، جم??ور??ت، قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي اختيارن جي منتقلي تي يقين رکو ٿا.قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? وزيراعظم پاڪستان جو خصوصي ٿورو مڃيندي چيو ته آئون پنهنجي وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي طور تي ٿورائتو آهيان ته هن آئين جا 50 سال جي عنوان سان هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ تقريبن ۾ ذاتي ??لچسپي ورتي ۽ ان جي مسلسل حمايت ڪئي. اهو پارليامينٽ جي بالادستي ??ي وزيراعظم جي پختي يقين جو اظهار آهي ۽ ان جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهڻ ۾ سڄو ايوان مون سان متفق آهي. اس??يڪ?? چيو ته مون پنهنجي پارٽي ۽ ان جي قيادت خاص طور تي ??صف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو هڪجهڙو ٿورائتو آهيان، جنهن آئين جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ پنهنجي پختي ??زم جو اظهار ڪيو، هن رخ ۾ اوهان جو هر قدم 1973ع جي آئين جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد جم??ور??ت محترمه بينظير ڀٽو جي ان مقدس دستاويز کي برقرار رکڻ لاءِ ڏنل قربانين جو پڙاڏو آهي. قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? چيو ته مون مولانا فضل الرحمان ۽ سندس پارٽي جمعيت علماءُ اسلام، خالد مقبول صديقي ۽ متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن خالد مگسي ۽ بلوچستان جي قابل ۽ دور انديش قيادت جو به ذاتي ??ور تي ٿورائتو آهيان. اس??يڪ?? چيو ته 75 سال اڳ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم جي قيادت ۾ متحد ٿي هڪ ملڪ ٺاهڻ لاءِ عوام جي آزاداڻي خواهش جو اظهار ڪيو، قائداعطم 1928ع ۾ پنهنجي مشهور 14 نڪتن ذريعي اسان کي وفاقيت ۽ صوبائي خودمختياري جو احترام ڪرڻ جو درس ڏنو. اس??يڪ?? چيو ته پاڪستان جي باري ۾ قائد جو ويزن اها جم??ور??ت هئي جنهن جو بنياد برابري ۽ انصاف جي اسلامي اصولن تي هجي ۽ قائداعظم ان جو اعلان 10 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ ڪيو. پارليامينٽ رياست جو خودمختيار ۽ سپريم ادارو آهي. اس??يڪ?? چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته عظيم قائد جو ويزن ذاتي ۽ ننڍن مفادن جي نذر ٿي ويو جتي ??م??ور??ت ڪجهه مراعتن يافته طبقي جي ڪلب ۾ هلي وئي ۽ عوام جي مرضي هڪ ڊڪٽيٽر جي خواهشن جي يرغمال بڻجي وئي. اس??يڪ?? چيو ته 1956ع ۽ 1962ع جي ٻن اڳوڻن آئينن جي ناڪامي ۽ آخر ڪار 1971ع جي سانحي کانپوءِ به هڪ جم??ور??، وفاقي پارلياماني رياست لاءِ پاڪستاني عوام جي فطري خواهش وري جاڳي، اها شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي متحرڪ قيادت ۾ ٻن سالن کان گهٽ عرصي ۾ پهريون ڀيرو متفقه آئين حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. اسان جي قومي قيادت متفقه طور تي هڪ اهڙو آئين لکيو جيڪو ڪنهن ماڻهو جي ڊڪٽيشن نه پر هڪ متحده وفاق جو گڏيل عزم هو. اس??يڪ?? چيو ته 10 اپريل 1973ع کان وٺي 2010ع تائين ۽ هاڻي 2023ع تائين اسان هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي ۽ اڃان تاين هڪ حقيقي اسلامي جم??ور?? وفاقي پاڪستان لاءِ اسان جو سفر ختم ناهي ٿيو. بنيادي حقن جي ضمانت، جيئن ته آئين واعدو ڪيو آهي، اڄ به روشني جي ڳولا آهي. اس??يڪ?? چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3 جو عهد، جيڪو رياست کي هر قسم جي استحصال جي خاتمي لاءِ هر هڪ کي پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي ڪم موجب عالمي اصولن جو پابند ڪري ٿو، وڏي حد تائين پورو ناهي ٿيو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 کي مڪمل طور تي پورو ڪرڻ جي خاطري ۽ 25 اي جي ضمانت ته هر ٻار کي لازمي تعليم جي خاطري اسان جي بامعنيٰ قدمن جو انتظار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن جم??ور?? قيادتن کي محلاتي ??ازشن ۽ آڌي رات جي حملن جو يرغمال بڻايو وڃي ته هي فاصلو وڌيڪ وڌندو رهندو. اس??يڪ?? چيو ته هي معزز ايوان طاقت جو مرڪز آهي، پارليامينٽ آئين جو خالق ادارو آهي، هي واحد قانون ساز ادارو آهي، عوام جي مرضي پارليامينٽ مان جنم وٺي ٿي ۽ سمورن ادارن کي عوام جي ان خودمختيار ۽ اعليٰ اداري جي سامهون جوابده ٿيڻو آهي، اهو ئي اسان جي آئين جو روح آهي ?? هي هڪ هم گير، گڏيل احترام، متنوع ۽ مڪالمي تي ٻڌل پاڪستان جو واحد رستو آهي.