اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي سا??اه??و. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظ??ار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم قطر جي سفير کي سن??س مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ۾ سن??س مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.