اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن س??ن تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حص?? ورتو. هنن چيو ته ملڪ ک?? ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آ??ي. ??ياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ??يندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حص?? وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ ک?? ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آ??ي. ??ءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ س??ن ترقي ڪري رهيو آ??ي. ??ن تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي بنائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحر??ن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي ??ٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آ??ي. ??عليم، صحت جي لاءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ ک?? پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ماضيءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي ??ضبوط ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگ??ي. ??ندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.