اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو، وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جي س??حدي ماڳ پاره چناره پهتا. ڪالهه وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد نماز فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ کين عيد مبارڪ پيش ڪئي. وزيرا??ظم فوج جي اعليٰ جذبي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي تعريف ڪئي. جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات جي دوران وزيرا??ظم چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ اڄ مان عيد جو ڏينهن اوهان سان گذاري رهيو آهيان ته جيئن مادر وطن جي س??حدن جي جرئت ۽ بهادري س??ن حفاظت ڪندڙ پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪوششون ۽ جذبن کي خراج تحسين پيش ڪريان. وزيرا??ظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي ذاتي آرام ۽ سڪون کي ڇڏي وطن عزيز جي تحفظ، دفاع ۽ سلامتي جو عظيم فرض انجام ڏين ٿا?? موسم ۽ حالتن جي س??تين کي برداشت ڪن ٿا ۽ هر طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مادر وطن جي س??حدن جو پهرو ڏين ٿا جنهن تي قوم اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي هن چيو ته عيد سميت خوشين جا موقعا هجن يا ڏک جا، آفيسر ۽ جوان انفرادي طور وطن جي حفاظت جي فر?? کي ترجيح ڏين ٿا. اسان اوهان جي هن جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته اڄ مان آرمي، ايئر فورس ۽ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي خدمت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي بي پناهه تڪليفن جو مقابلو ڪري ملڪ جي س??حدن جي حفاظت جو مقدس فرض نڀائين ٿا. وزيرا??ظم شهباز شريف پوري قوم خاص طور تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عيد جي مبارڪ پيش ڪئي. وزيرا??ظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته امن تباهه ڪندڙ، دهشتگردي ڪندڙن ۽ انهن جي س??پرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه آهي، پاڪستاني قوم جي پاڪستانيت ملڪ ۾ فتني فساد، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ قوتن جي مڪروه منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، انهن قوتن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي مڪروه ايجنڊا لاءِ ورڇ ۽ ڏارون پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته شهداءَ پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، انهن جي عزت ۽ حرمت اسان کي هر شيءَ تي مٿانهين آهي. وزيرا??ظم شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان کان ??ڳ اچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر 11 ڪور کانسواءِ صوبائي حڪومت جي اعليٰ عملدار به پڻ موجود هئا.